سنڌ آرڪائيوز

سنڌ آرڪائيوز

سنڌ آرڪائيوز

سنڌ آرڪائيوز (Sindh Archives): هي ادارو سنڌ جي قومي دستاويزن جو محافظ ادارو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت بابت مواد گڏ ڪيو ويو آهي هن وقت سنڌ آرڪائيوز، اطلاعات کاتي سنڌ جي هڪ ڊائريڪٽوريٽ طور ڪم ڪري رهي آهي سنڌ آرڪائيوز جي لائبرريءَ ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت بابت تمام وڏو مواد موجود آهي.
انگريز دؤر ۾ سنڌ حڪومت پراڻي سرڪاري رڪارڊ ۽ ٻين تاريخي دستاويزن کي محفوظ رکڻ لاءِ سنڌ آرڪائيوز جو قيام عمل ۾ آندو. سنڌ آرڪائيوز 1853ع ۾ چيف ڪمشنر سنڌ جي هٿ هيٺ هڪ مرڪزي رڪارڊ روم طور قائم ٿيو. ان وقت ۾ ڪمشنر ئي سنڌ جو ڪرتا ڌرتا هوندو هو. سنڌ جي اڳوڻي ڪمشنر بارٽل فريئر 1820ع کان سنڌ جو رڪارڊ، قديم دستاويز، نقشا، گزيٽيئر، تاريخ ۽ ڪلچر بابت مواد محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. هن رڪارڊ روم کي ڪيترا ڀيرا وسعت ڏني وئي. ۽ ان قيمتي رڪارڊ کي آخري ڀيرو ڪمشنر آفيس (موجوده گورنر هائوس جي عمارت) ۾ 1936ع ۾، سنڌ جي بمبئي پرڳڻي کان جدائيءَ بعد آندو ويو. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ايوبي مارشل لا ختم ٿي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پهريون جمهوري دور آيو، تڏهن ڊاڪٽر غلام علي الانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهي زماني ۾ تعليم کاتي جي هٿ هيٺ ڪلچرل سيل ڪم ڪندو هو. اڳوڻي وزير تعليم پيار علي الانا ۽ عبدالحميد آخوند جي ڪوششن سان تعليم کاتي کان ڪلچرل سيل ڌار ڪرائي، ثقافت، سياحت، راندين، ۽ نوجوانن جي معاملن وارو کاتو قائم ڪرايو ويو. اهڙي طرح 1977ع ۾ سنڌ آرڪائيوز، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي هٿ هيٺ هڪ ڊائريڪٽوريٽ طور قائم ٿيو. ان جي قائم ٿيڻ بعد اڳوڻي ڪمشنر سنڌ جي آفيس وارو سمورو رڪارڊ 1992ع ۾ سنڌ آرڪائيوز جي موجوده عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. سرڪاري رڪارڊ سان گڏ هڪ ريسرچ لائبرري به قائم ڪئي وئي. ڪيترن عالمن جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضي، پير حسام الدين راشدي، جهامنداس ڀاٽيا، حميد هارون، پير علي محمد راشدي، سوڀي گيانچنداڻي ۽ ٻين جون ذاتي لائبرريون ۽ قديم نسخا، سنڌ آرڪائيوز کاتي خريد ڪري ورتا. ان ڏس ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري عبدالحميد آخوند سنڌ آرڪائيوز کاتي کي مستحڪم ۽ فعال ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ آرڪائيوز، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽرين عبدالحميد آخوند کان وٺي، گل محمد عمراڻيءَ جي دور تائين ثقافت کاتي جي ماتحت رهي، پر 1993ع ۾ جڏهن ماهتاب اڪبر راشدي، اطلاعات کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ٿي ته سنڌ آرڪائيوز، اطلاعات کاتي سنڌ جو حصو بڻجي وئي ۽ ان وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌ آرڪائيوز جو ادارو اطلاعات کاتي جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي. 2003ع کان 2005ع تائين سنڌ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڪليم لاشاري رهيو، جنهن هن اداري جي ترقيءَ لاءِ دلچسپيءَ سان ڪم ڪيو. هن اداري لاءِ ڪجهه اسڪيمون منظور ٿيون، پر ڪجهه عرصي لاءِ ڊائريڪٽر جي غير موجودگيءَ سبب التوا ۾ رهيون. جڏهن آڪٽوبر 2005ع ۾ اقبال نفيس خان سنڌ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ته ترقياتي رٿائن تي ٻيهر ڪم شروع ٿيو. هن وقت اطلاعات ۽ آرڪائيوز کاتي جو ضوبائي وزير انعام ميمڻ'>شرجيل انعام ميمڻ آهي، جڏهن ته سيڪريٽري طور اعجاز احمد ميمڻ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
سنڌ آرڪائيوز ڊائريڪٽوريٽ ۾ هن وقت تائين اڌ کان وڌيڪ آرڪائيول رڪارڊ ڪمپيوٽرائيز ڪيو ويو آهي. 50 سيڪڙو ڪتابن جي ڪيٽلاگنگ ڪرڻ کان سواءِ 0.6 ملين دستاويز ۽ نسخا اسڪين ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ آرڪائيوز پاران ڪيترا اهم ڪتاب به ڇپايا ويا آهن.


لفظ سنڌ آرڪائيوزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو